Dr Qadir Magsi Addresses Hyderabad workers meeting at STP House

سنڌ ترقي پسند پارٽي  طرفان ٿيندڙ 21 مارچ يومِ مادر وطن جي تيارين جي سلسلي ۾ حيدرآباد ضلعي جي اڳواڻن، تعلقي باڊين ۽ يونين ڪائونسل باڊين جي اڳواڻن جو گڏيل اجلاس پارٽي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي صدارت ۾ ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڄام شوڪت ابڙو، نصرت حسين چنا، شبير مگسي، جبار راهو، ڊاڪٽر حسن لغاري، اڪبر بروهي، سچل گوپانگ، انور حاجاڻو، فيروز منگي، ملتان ٺاڪر ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ يومِ مادر وطن جي هلندڙ تيارين جو جائزو ورتو ويو ۽ يومِ مادر وطن جي ڪاميابي لاءِ حيدرآباد ضلعي ۾ عام ماڻهن کي دعوتون ڏيڻ ۽ انهن کي پروگرام ۾ شريڪ ڪرائڻ لاءِ مختلف ٽيمون تشڪيل ڏنيون ويون. جيڪي قاسم آباد، ٽنڊوڄام، لطيف آباد ۽ حيدرآباد ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڪارنر گڏجاڻيون ڪري ماڻهن کي يومِ مادر وطن جي پروگرام ۾ شرڪت لاءِ دعوتون ڏنيون وينديون. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ والچاڪنگ، وال پوسٽر سميت پروپئگنڊا کي مؤثر ڪرڻ لاءِ مختلف جڳهن تي ڪئمپون قائم ڪيون وينديون. اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ تاريخ جي نازڪ موڙ تان گذري پئي ۽ سنڌ جون دشمن قوتون اسان جي وطن تي قبضو ڪري اسان کي دائمي غلام رکڻ جهڙين سازشون ڪري رهيون آهن. وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي وطن جي عزت ۽ وقار جي بچائڻ واري اسان جي جدوجهد جو ساٿ ڏين. هن چيو ته هن ملڪ جي حڪمرانن سنڌ جي ماڻهن سان ڪڏهن به انصاف نهڪيو آهي. سنڌ وسيلن سان مالامال هوندي به سنڌ جا ماڻهو بک بدحالي جو شڪار ٿي رهيا آهن. سنڌ جا نوجوان بيروزگار سبب خدڪشيون ڪري رهيا آهن. ۽ ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهن. پر هن ملڪ جي حڪمرانن وقت سنڌ جي ماڻهن لاءِ ڪو به انصاف نه آهي. هن چيو ته پ پ پ جيڪا سدائين سنڌ جي ماڻهن کان ووٽ وٺي ۽ پوءِ اها سنڌ جي مفادن جو سودو ڪري اقتدار تي پهچڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن کي وساري ويهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي هاڻ پنهنجي نمائندن جو احتساب ڪرڻ گھرجي  ۽ انهن کان پڇاڻو ڪن ته جن واعدن تي هو ووٽ وٺن ٿا پوءِ انهن جو پورائو ڇو نه ٿا ڪن؟ سنڌ جي ماڻهن کي پارلياماني سياست ڏانهن پنهنجي روش تبديل ڪرڻي پوندي. هن چيو ته يومِ مادر وطن تي اسان پنهنجي ڌرتيءَ سان عهدِ وفا جو وچن ورجائيندا آهيون ۽ ان ڏينهن تي حيدرآباد جي باءِ پاس گرائونڊ تي لکين سنڌ جا غيرتمند پٽ ۽ ڌيئرون گڏجي سنڌ امڙ سان وفا جو وچن ورجائيندا. هن اجلاس ۾ ضلعي اڳواڻن، تعلقي ۽ يوسي باڊين کي هدايت ڪئي ته پروگرام ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڏينهن رات محنت ڪن گھر گھر تائين پهچي ماڻهن کي دعوت ڏيئي پروگرام ۾ شرڪت ڪرائين. اجلاس کي ڄام شوڪت ابڙو نصرت حسين چنا، شبير مگسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
Dr Qadir Magsi Addresses Hyderabad workers meeting at STP House

Dr Qadir Magsi Addresses Hyderabad workers meeting at STP House

Dr Qadir Magsi Addresses Hyderabad workers meeting at STP House


Dr Qadir Magsi Addresses Hyderabad workers meeting at STP House

0 comments: