Dr Qadir Magsi & co passes Condolence with Sindh TV Reporter Khalid Chandio

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سنڌ ٽي وي جي رپورٽر ۽ نامياري صحافي خالد چانڊيو سان سندس والده جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندي چيو ته سنڌ جي ماڻهن هن ملڪ جي قائم ڪرڻ لاءِ تمام وڏي جدوجهد ڪئي هئي ۽ ان جدوجهد ۾ سنڌي ماڻهن اهم ڪردار ادا ڪيو هو.جنهن جو مثال سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پيش ڪرڻ آهي پر هن ملڪ جي وجود ۾ اچڻ کان پوءِ سنڌ جي ماڻهن سان ناانصافي واري ورتاءُ ڪيو ويو ۽ سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي بنيادي حقن کان محروم رکيو ويو آهي. هن وقت هن ملڪ ۾ سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ئي ڌرتي تي لاوارثن واري زندگي گذاري رهيا آهن. ۽ هن ملڪ جا حڪمران سنڌ جي وسيلن کي مالِ غنيمت سمجهي لٽي ۽ ڦري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته 65 سالن جي تاريخ ۾ هن ملڪ تي هڪڙو به اهڙو حڪمران نه آيو آهي جيڪو عوام دوست هجي هن ملڪ جي اقتدار تي واري بندي سان اهي ماڻهو چونڊجي اچن ٿا جيڪي عوام دشمن آهن ۽ هن وقت تائين سياست تي مٿئين طبقي جي ماڻهن جو قبضو آهي ان وقت تائين ملڪ ۾ ڪا به تبديلي نه ايندي. ان ڪري عوام کي متحد ٿي هتي ڦريو ۽ ظالم حڪمران قوتن خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي. هن وڌيڪ چيو ته ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال جي ذميوار پ پ سرڪار آهي. جنهن جا وزير ۽ مشير سواءِ ڪرپشن جي ٻيو ڪجھ به نه ڪري رهيا آهن. ٿر جا ماڻهو بک وگھي مرڪي رهيا آهن ۽ جيڪي به ماڻهو موت جو شڪار ٿيا آهن انهن جي ذميوار پ پ سرڪار آهي. هن چيو ته  سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي حقن لاءِ گڏ ٿي جدوجهد ڪرڻي پوندي.
Dr Qadir Magsi & co passes Condolence with Sindh TV Reporter Khalid Chandio
Dr Qadir Magsi & co passes Condolence with Sindh TV Reporter Asad Chandio

0 comments: